شاهه محمد نابينا

شاهه محمد نابينا

شاهه محمد نابينا

شاهه محمد نابينا: سنڌ جي نامور ۽ شهرت يافته نڙ وڄائيندڙ شاهه محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ، 31 جنوري 1893ع تي تعلقي ميرپوربٺوري جي ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ پيدا ٿيو. شاهه محمد غريب هئڻ ڪري تعليم جي زيور سان آراسته ٿي نه سگهيو. سندس لڳاءُ موسيقي سان هوندو هو. فقيرن جي صحبت ۾ گهمڻ ڦرڻ لڳو آهستي آهستي نڙ وڄائڻ سکيو. هن وٽ خداداد صلاحيت هئي، ننڍي هوندي ماتا جي بيماريءَ ۾ سندس اکين جو نور ختم ٿي ويو. معذور هوندي به هن پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي ۽ ريڊيو تان مختلف طرزون ٻڌي پنهنجون نيون ڌنون ايجاد ڪري هن سُرن جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ ٺاهي ورتي. نڙ وڄائڻ مهل هو وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ پنهنجي ئي آواز تي مست الست ٿي جهومندو هو ۽ سندس سُرن ۾ ايترو ته سوز هوندو هو، جو سڄي محفل محو ٿي ويندي هئي. هن ڪراچيءَ جي ڪجهه پروگرامن ۾ به شرڪت ڪئي، جتي ٻين ملڪن جي سفيرن کيس ساز وڄائيندي ٻڌو ۽ وڏو داد ڏنو.
شاهه محمد نابينا مفلسيءَ جي حالت ۾ ميرپور بٺوري جي اسپتال ۾ 5 مئي 1957ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه قاضي ڀريو لڳ لائق پور، تعلقي ميرپور بٺوري ۾آهي. جي. ايم. سيد ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ سندس احوال ڏنو آهي ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سندس مزار تي ڪانفرنس به ڪوٺائي هئائين.


لفظ شاهه محمد نابيناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.01.31  عيسوي

سنڌ جي نامور ۽ شهرت يافته نڙ وڄائيندڙ شاهه محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ، 31 جنوري 1893ع تي تعلقي ميرپوربٺوري جي ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ پيدا ٿيو.


1957.05.05  عيسوي

شاهه محمد نابينا مفلسيءَ جي حالت ۾ ميرپور بٺوري جي اسپتال ۾ 5 مئي 1957ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه قاضي ڀريو لڳ لائق پور، تعلقي ميرپور بٺوري ۾آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله ملاح پروفيسر
امتياز قاضي
شيخ عبدالمجيد سنڌي
ڪرڻجي سوڍو
قائداعظم محمد علي جناح
استاد لغاري
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
شاهه خواجه
حامد علي مرزا
سر عبدالرشيد جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون